اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ايران سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، عا??مي برادري افغ??ن شهرين کي درپيش معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم ??ڻي، پاڪستان، افغانستان جي واپاري ۽ سرحدي چرپر ۾ سهولتن جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن تهران ۾ اي??ان?? هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سان ملاقات دوران چئي. افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق ۽ ايران م مقرر پاڪستاني سفير رحيم حيات قريشي پن پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عا??مي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايران جي اعليٰ قيادت پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي مسلسل تا??يد ۽ حمايت تي اي??ان?? پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانسدتان سمورن پاڙيسري ملڪن جي لاءِ هڪ جهڙي اهميت رکي ٿو. 21 آڪٽوبر تي ڪيڪل پنهنجي ڪابل جي دوري جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير عا??مي برادري تي زور ڏنو ته اها افغ??ن شهرين کي درپيش معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٺوس قدم ??ڻي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان لي پاواري ۽ سرحدي چرپر ۾ سهولتن جي فراهمي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اي??ان?? پرڏيهي وزير پاڪستان پار??ن شروع ڪيل علائقائي هڪمت عملي جي جوڙجڪ جي قدمن کي ساراهيندي ايران جي ميزباني ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻئي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا. اي??ان?? پرڏيهي وزير ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.