اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم م??نو??ات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پا??ان پيٽروليم م??نو??ات جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پا??ان جاري بيان موجب اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پا??ستان ۾ پيٽرول جي قيمت 11.53 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته وزيراعظم تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پيٽروليم م??نو??ات جي قيمتن کي وڌائڻ کان ر??ڪي ڇڏيو. حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ بد??ان عوام جي ريليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پا??ان تجويز ڪيل تازي اضافي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ بار کي حڪومت پا?? برداشت ڪري رهي آهي.