اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مختلف قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ قانونسازي، سياسي صورتحال ۽ پنهنجي تڪن ۾ جاري ??رق??اتي منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سيد فيض الحسن، حاجي امتيا?? احمد چوڌري، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر اعجا?? احمد چوڌري، چوڌري شوڪت علي ڀٽي، س??دار طالب نڪئي، راڻا محمد قاسم نون، ذوالفقار علي خان، چوڌري عامر سلطان چيما، مهر غلام محمد لالي، نواب شير وسير، صداقت علي عباسي، راءِ محمد ??رت??يٰ، امجد علي خان ۽ عبدالغفار وٽو شامل هئا. ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود هئا.