اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان صنعت ۽ پ??داوار واري وفاقي وزير خسرو بختيار ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ ڀاڻ جي پيداوار جي صلاحيت تي تفصيلي بر??فن?? ڏني. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم کي وزارت پاران وڏي پئماني تي صنعت ۽ برآمدي صنعت جي سهولت لاءِ کنيل قدمن تي به بر??فن?? ڏني وئي. ان م??قع?? تي وزيراعظم کي ڏکڻ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ آبادگارن جي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن جي مثبت اثرن کان به آگاهه ڪيو ويو.