اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ آفر??قا جي آنجهاني اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي ويجهي ساٿي نوبل انعام يافته آرچ بشپ ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي تعزيتي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊسمنڊ ٽوٽو نسل پرستي جي خلاف ۽ انساني حقن جي لاءِ ج??وج??د ۾ هڪ قدآور شخصيت هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آفر??قا جي آ??اد?? ۽ قومي م??اه??ت ۾ سندس اهم ڪردار ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.