اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي هنگو م??ن پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر خيال زمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??ها?? ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حاجي خيال زمان انتهائي مخلص شخصيت جو م??لڪ هو، حاجي خيال زمان جي پارٽي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي گهرڀاتين ۽ پونئيرن سان دلي تعزيت جو ا??ها?? ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي.