اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر اداڪار مسعود اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسعود اختر جي لاڏاڻي ج?? خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. اط??اع??ت واري وفاقي وزير پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مسعود اختر ڪيتر??ن ئي فلمن، ڊرامن ۽ ٿيٽر پروڊڪشن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا جوهرا ڏيکاريا. چوڌري فواد حس??ن وڌيڪ چيو ته ان جو پهريون ڊرامو ”پئسا بولتا هي“ 1970ع ۾ الحمرا ۾ پيش ٿيو. هن چيو ته فن ۽ شوبز جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.