اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي رد ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ صدر کي قومي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس ڪري ڇڏي آهي، قوم نئين چونڊن جي تياري ڪري، اسان غيرملڪي ايجنڊا تي ڪروڙين رپين سان ضمير خريد ڪري حڪومت بدلائڻ جي سازش ۽ غداري ناڪام بڻائي آهي، قو?? کي گهٻرائڻو نه آهي، م??تق??ل جو فيص??و ڪري، اهو فيص??و ڪنهن ٻاهرئين طاقت يا ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو پر اهو فيصلو پاڪستاني قو?? کي ڪرڻو آهي ته اها ڪنهن کي چ??نڊي ٿي، جيڪي ماڻهو اچڪن سبرائي ويٺل هئا انشاءَ الله انهن جا ڪروڙين رپيا ضايع ويندا. قو?? کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بي اعتمادي جي رٿ غيرملڪي ايجنڊا هئي، ان رٿ کي اسيمبلي مان رد ڪرڻ جي فيصلي تي پوري قو?? کي مبارڪباد ڏيان ٿو، سڄي قوم ان صورتحال سان پريشان هئي، آئون قو?? کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته الله هن قوم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي. 27 رمضان تي هي ملڪ وجود ۾ آيو ا?? جي خلاف ڪا سازش انشاءَ الله ڪامياب نه ٿيندي. ڊپٽي اسپيڪر پاران ڏنل رولنگ کانپوءِ مون صدر کي ايڊوائيس موڪلي ڇڏي آهي ته هو اسيمبليون تحليل ڪري ڇڏي. اسان فيص??و ڪيو آهي ته هڪ جمهوري معاشري ۾ اسان عوام وٽ وڃون ۽ اها فيص??و ڪري ته اها ڪنهن کي چاهي ٿي ته جيئن اڳتي ٻاهر جي سازش سان ڪرپٽ عنصر پئسن جي ٻورين سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪري اهڙي قسم جي حرڪت نه ڪن. اهي ماڻهو جيڪي اچڪن سبرائي ويٺل هئا انهن جو ا??و پئسو ضايع ٿي ويو آهي، آئون پئسا وٺندڙن کي چ??ان ٿو ته اهي اهو پئسو ڪنهن پناهگاهه تي لڳائي ڇڏين. هن قوم کي چ??و ته اها نئين چونڊن ۾ قوم جي م??تق??ل جو فيص??و ڪري. اهو فيص??و ڪنهن ٻاهر جي طاقت يا ڪنهن ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو. صدر وٽ ايڊوائيس وڃڻ کانپوءِ اسيمبليون تحليل ٿي وينديون ۽ نگران سيٽ اپ قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. هن چيو ته آئون الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته قوم سان ڪئي ويندڙ ايتري وڏي سازش ناڪام ٿي آهي.