لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان راولپنڊي، سرگوڌا، فيصل آباد، لاهور، گجرانوالا، ملتان، بهاولپور،ڊي??ه غازي خان ۽ ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چو??ڊي?? عوامي نمائندن وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ عوامي ڀلائي ۽ بهتري لا??ِ جاري مختلف حڪومتي پاليسين، ترقياتي منصوبن، آزاد پرڏيهي پاليسي ۽ ناموس رسالت ۽ اسلامو فوبيا لاءِ وزيراعظم جي عالمي سطح تي ڪوششن کي ساراهيو.