اسلام آباد – 12 – ا??ري?? (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڱاري ڏينهن اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان جدا جدا ملاقاتو?? ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پڻ ويو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سردار اختر مينگل، ڊاڪٽر خالد مگسي، شاهه زين بگٽي ۽ اسلم ڀوتاڻي سان پڻ ملاقاتو?? ڪيون. شهباز شريف وزيراعظم جي عهدي تي پنهنجي نامزدگي، حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ تعاون تي سڀني قائدين، اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي قائدين سان ڪابينا جي جوڙجڪ تي اهم مشاورت پڻ ڪئي. هن چيو ته اسان انهي جذبي ۽ گڏيل اعتماد سان اڳتي وڌنداسين جنهن جي ذريعي هن منزل تائين پهچڻو آهي. هن اتحادي پارٽين جي قائدين کي يقين ڏياريو ته اتحاد، مشاورت ۽ تعاون سان اڳتي وڌنداسين ۽ گڏجي مسئلا حل ۽ واعدا پورا ڪنداسين.