اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله، قانون وارو وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل اشتر اوصاف پڻ موجود هئا جڏهن ته وڪيل اڳواڻن جي وفد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ??در احسن ڀون، پاڪستان بار ڪائونسل جو ??ربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ??در اڪبر ڊوگر، پنجاب بار ڪائونسل جو ??ربراهه جعفر طيار، اسلام آباد بار ڪائونسل جو ??ربراهه قمر سبزواري، سيد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. وز??راعظم وڪيل برادري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت تي اعتماد جا ٿورا مڃيندي چيو ته وڪيل ملڪ جو ??ظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪيلن جي پيشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. وز??راعظم قانون واري وفاقي وز??ر کي هدايت ڪئي ته وڪيل پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪيل اڳواڻن وز??راعظم شهباز شريف کي عهدو سن??الڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڪيل برادري جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي آئي آ??ي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪيل اڳواڻن آئيني بحران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن موجب معيشت کي سن??الي وٺندي.