اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان صوبي جي علا??قي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه با??ت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ متاثر علا??قي ۾ جاري ??پريشن بابت تفصيل شامل آهن. گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪ??ڻ ۽ ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل تفصيل موجب وفاقي ۽ صوبائي کاتن تي ٻڌل ٽيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات صورتحال تي ??ظر رکڻ جي لاءِ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته زوب جي ڪمشنر متاثر علا??قي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم وٽ جمع رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري ??لوچستان، ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري ۽ پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل متاثر علا??قي جو دورو ڪيو آهي، مختلف ٽيمن جا 300 اهلڪار شير گلي، زرغون زاور، تور ڳڙهه ۽ نڪئي جي علائقن ۾ باهه وسائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. وزيراعظم جي خصوصي نمائندي ۽ وفاقي وزير مولانا عبدالواسع زوب ۾ هڪ اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ ٻارهين ڪور جي ڪمانڊر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ضلعي شيراني ۾ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات جي سيڪريٽري ??ي قيادت ۾ ٽاسڪ فورس جو عمل قيام ۾ آندو ويو آهي، ان کانسواءِ ويليج اينڊ ايريا فائير ڪنٽرول ڪميٽين جي قيام لاءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته باهه جي ڦهلاءُ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پي ڊي ايم اي باهه وسائيندڙ اوزار ۽ ريسڪيو گاڏيون فراهم ڪري ??هي آهي. ان سان گڏوگڏ اين ڊي ايم اي پڻ ضروري ??وزار فراهم ڪري ??هي آهي، پاڪ فوج جاري ??پريشن جي لاءِ ٻه هيلي ڪاپٽر ڏنا آهن جڏهن ته آرمي بيس ڪئمپ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو آهي.