اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 23 مئي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي ش??يدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ساڻن افسوس جو اظهار ڪيو. صدر سپاهي رحيم گل ۽ سپاهي ظهور جي وارثن سان ٽليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 19 مئي تي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد سنور جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئ??. ص??ر پاڪ فوج جي ش??يدن کي وط?? تي جان نڇاور ڪرڻ تي خراج عقيدت ??يش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي ش??يدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.