اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) منشيات جي خاتمي ??اري وزارت جي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري سبينو سڪندر جلال معاشري مان منشيات جي لعنت جي خاتمي ??اءِ اجتماعي ڪوششن ۽ ميڊيا جي ذريعي عوام ۾ وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه انفارميشن سروس اڪيڊمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد ۽ قومي خابرو اداري اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظ??ي به خطاب ڪيو، سيمينار ۾ انفارميشن گروپ جي زير تربيت آفيسرن منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پنهنجون پنهنجون پريزينٽيشنز ڏنيون، سبينو سڪندر جلال چيو ته انفارميشن آفيسر ميڊيا ۾ منشيات جي لعنت جي مسئلي کي اجاگر ڪندي ان جي روڪٿام ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته منشيات جو ??ستعمال گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي سوسائٽي جو ??صو بڻجي چڪو آهي ۽ پوري دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 435 بلين ڊالرز جي ماليت جي منشيات جو ??ير قانوني ڪاروبار ٿي رهيو آهي جڏهن ته ترقي يافته ملڪ ان جي روڪٿام لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته منشيات کي روڪڻ جو ??هترين طريقو اهو آهي ته ان جي طلب کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي خراب اثرن جي باري ۾ آگاهي به پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته بدقسمتي سان هڪ پاڙيسري ملڪ ۾ افيون جي وڏي مقدار ۾ پوک ڪئي ويندي آهي، پاڪستان کي يورپي ملڪن ۾ ان جي اسمگلنگ لاءِ راهداري جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ ان جي روڪٿام لاءِ 35 ايجنسين جنهن ۾ پوليس ۽ ٻيا ا??ار?? شامل آهن کي اختيار سونپيا ويا آهن، هن شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان انفارميشن آفيسر طور منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پيغام کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين موثر انداز ۾ پهچائي سگهو ٿا. اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي جج طور فرض سرانجام ڏيندي مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي تقريرن جو ??ائزو ورتو ۽ ڪامياب ٿيندڙن جو ??علان ڪيو، هن ڪامياب ٿيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي انهن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي تقريرون ۾ سدائين حقيقي انگن اکرن جو ??والو ڏين، ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد چيو ته مستقبل جي ميڊيا مينيجرز جي حيثيت سان انفارميشن آفيسرن کي معاشري جي مسئلن جي باري ۾ بهتر طور تي آگاهي هجڻ گهرجي، هن خصوصي مهمان جو ٿورو ادا ڪندي مقابلي ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني.