اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٻي تقريب ٿي، جنهن ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ريجن جي 55 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ ملي نغمن جا مقابلا ٿيا. ججز جا فرض ڊاڪٽر عبدالستار، ڊاڪٽر محمد قاسم ۽ ڊاڪٽر اسد منير ادا ڪيا. ان مقا??لي ۾ 4 بهترين اميدوارن جي چونڊ ڪئي وئي جن جي وچ ?? فائنل ??ائونڊ اپ جشن آزادي جي تقريبن جي پڄاڻي تي منعقد ڪيو ويندو. گرينڊ مقا??لي ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي تر??يبوار 7 هزار، 5 هزار ۽ ٽي هزار ڪيش انعام ڏيندا، مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شموليت جا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز راڻا طارق جاويد چيو ته ملي نغمن جي مقا??لي جو بنيادي مقصد نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ هو. هن چيو ته شاگردن ملي نغمن ذريعي پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضي??ءَ قيوم نئين نسل کي آزادي جو مفهوم سمجهائڻ جي لاءِ آگسٽ کي بطور آزادي مهينو ملهائڻ جي به هدايت ڪئي هئي جنهن جي لاءِ رجسٽرار، راجا عمر يونس جي مشاورت ۽ ان جي سرپرستي ۾ مختلف تقريبون تر??يب ڏنيون ويون آهن جن ۾ ملي نغمن، تقريرن، بيت بازي، پيٽنگ ۽ مضمون نويسي جا مقابلا شامل آهن.