اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آه?? ته پاڪستان کي غير معمولي برساتن ۽ـ ٻوڏ جي تباهي درپيش آه??، ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين، عوام کي رليف ۽ بحاليءَ لاءِ قدم کنيا ويندا، گڏيل قومن جي هنگامي اپيل کان پوءِ عالمي برادري مدد ڪندي، نقصانن جو سروي ٿي رهيو آه??، جنهن کان پوءِ دوست ملڪ اسان جي مدد ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هي بارشون ماحولياتي تب??يل??ءَ جو نتيجو آه??، ان سال بهار جي موسم ناهي آئي، سياري کان گرمين ۾ داخل ٿي وياسين. هن چيو ته جن علائقن ۾ برساتون نه ٿينديون هيون اتي 500 ڀيرا وڌيڪ برسات ٿي، جنهن سان انهن علائقن ۾ نقصان ٿيو ۽ تمام وڏي تباهي ڏسڻي پئي، ان قدرتي آفت کي مُ??هن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سڀني صوبن جي مدد ڪري رهي آه??. هن چيو ته ترقي يافته ملڪ به ايتري وڏي تباهيءَ کي مُ??هن نٿا ڏئي سگهن، زرعي فصل به تباهه ٿي ويا آه??، اڄ پرائيس مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪيو آه??، ملڪ ۾ هفتيوار قيمتن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته انتظاميه کي چيو ويو آه?? ته ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. افغانستان ۽ ايران مان بصر ۽ ٽماٽو آمدني واپار ٿي رهيو آه??، کاڄرو تيل جي قيمت گهٽ ڪنداسين، عالمي مارڪيٽ ۾ گيهه ۽ـ تيل جي قيمت گهٽ ٿي آه??، مل مالڪ فوري طور تي قيمتون گهٽ ڪن. هن چيو ته خوراڪ جون ضروري شيون آمدني واپار ڪنداسين. سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جو مال ۽ خوراڪ جا ذخيرا تباهه ٿي ويا، سڄي بجيٽ تي نظرثاني ڪري رهيا آه??ون. ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين.