دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي اجاگر ڪندي قطري سيڙپڪارن کي ??اڪستان ۾ قدم وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خطي جو اولين واپاري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دوحه ۾ ”پاڪستان قطر واپار ۽ سيڙپڪاري گول ميز 2022ع“ جي موقعي تي ناليوارن قطري ۽ پاڪستاني واپاري اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. قطر فنانشل سينٽر، پاڪستان بزنس ڪائونسل قطر ۽ دوحه ۾ پاڪستاني سفارتخاني گڏيل طور تي گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو. قطر جي ناڻي واري وزير علي بن احمد انڪواري، قطر جي واپار ۽ صنعت واري انڊر سيڪريٽري سلطان بن راشد ۽ قطر فنانشل ڪنٽر جي سي اي او يوسف الخطر جيدا پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قطر جي ناليوارن ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽويز سان گڏوگڏ قطر ۾ رهندڙ پاڪستانيواپاري برادري جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ وزي??اع??م پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خصوصي نوعيت تي روشني وڌي. هن قطر کي ??ڪ اعتماد جوڳو پارٽنر قرار ڏنو جنهن جي حمايت کي سچي دل سان ساراهيو ويو. هن سڄي دنيا ۾ شديد مهانگائي جي رجحانن ۽ معاشي ٻاڙائي جي دور ۾ پاڪستان جي سپورٽ تي قطر کي ساراهيو. وزي??اع??م چيو ته موجوده حڪومت هڪ اهڙي وقت ۾ اقت??ار سنڀاليو جڏهن پاڪستان کي ??ڏي ??عاسي، واپاري خساري ۽ وسيلن تي وڏي دٻاءُ جهڙا چئلينجز درپيش هئا. هن وڌيڪ چيو ته ٻارڻ سميت درآمدات کي گهٽ ڪرڻ جو واحد رستو صنعتي پيداوار ۾ اضافو ۽ قابل تجديد توانائي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ جي روانگي واپار کي ??ڌائڻ آهي. ملڪ جي هائيڊرو پاور جي وڏي صلاحيت کي اجاگر ڪندي وزي??اع??م چيو ته پاڪستان خاص طور تي قطري سيڙپڪارن کي ??وري منافعي جي لاءِ پن بجلي جي پيداوار ۾ سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ جي لاءِ غيرملڪي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي. افغانستان ۾ ثالثي جي ڪر??ار تي قطر کي ساراهيندي هن چيو ته قطر نه رڳو افغانستان پر خطي ۾ امن ۽ هم آهنگي کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪيو آهي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي ??اپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ پنهنجي ڪوششن کي ??م آهنگ ڪرڻ گهرجي. وزي??اع??م ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ دوستاڻو ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي اجاگر ڪيو. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي تمام گهڻي قدرتي ۽ انساني وسيلن سان نوازيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خطي جو اولين واپاري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻجڻ جي قابل بڻايو آهي. وزي??اع??م چيو ته ان منفرد فائدي پاڪستان کي ??وقعن سان ڀرپور مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وچولي طبقي سان گڏ هڪ وڏي صارف منڊي هجڻ جي ڪري پاڪستان غذائي تحفظ، توانائي سميت قابل تجديد ذريعن، ز??اع?? ۽ لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشش ڪاروباري موقعا فراهم ڪيا آهن. وزي??اع??م قطري سيرپڪارن کي ??اڪستان ۾ پنهنجي قدرم وڌائڻ جي لاءِ حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن پاڪستاني ۽ قطري واپارين سان گڏ گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ قطر ۾ پاڪستان جي سفير پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته وزي??اع??م جو دورو ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ خاطرخواهه اضافي جو سبب بڻجندو. گول ميز دوران هڪ معزز پينل ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي ??ڌائڻ تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي. پينل ڊسڪشن ۾ بنيادي طور تي تعاون جي نئين شعبن کي ڳولڻ تي ڌيان ڏ??و ويو ته جيئن ڪاروباري مضبوط رابطا قائم ٿين، پينلسٽ ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، ڪيو ايف سٽ جو چيف بزنس آفيسر الانود بن حمد الثاني، اعزازي سيڙپڪاري ڪائونسلر محسن مجتبيٰ ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل جو صدر ڊاڪٽر جاويد اقبال شامل هئا.