اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان مان پاڪستا?? جي ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ انساني امداد جي پهرين اڏام سومر جي صبح جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي لٿي جنهن ۾ دوائون ۽ طبي اوزارن سميت انتهائي ضروري امدادي سامان شامل هو. پرڏيهي آفيس موجب امدادي اڏام جو استقبال پاڪستان ۾ ترڪمانستا?? جي سفير، سنڌ جي وڏي وزير جي ريليف ۽ بحالي واري صلاحڪار رسو?? بخش چانڊيو، ناڻي واري وزارت، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ڪيو. پاڪستان ترڪمانستان پاران ٻوڏ سٽيل?? جي لاءِ امداد جي آجيان ڪندي ترڪمانستان جا ٿورا مڃيا.