واشنگٽن -05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ملڪ ۾ آيل ٻوڏکي وڏي تباهي قرار ڏيندي چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلي جي وڏي پئماني تي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي امداد جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي چينل فاڪس نيوز جي پروگرام آن داهل ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان کي ماضي ۾ پڻ قدرتي آفتن جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اسان ان جو مقابل?? ڪيو، ان سلسلي ۾ هڪ وسيع نظام جوڙيو ويو پر هلندڙ سال ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي آئي، جنهن لاءِ هي نظام ناڪافي آهي. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن رليف ۽ ريسڪيو آپريشن لاءِ 30 ملين ڊالر امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ قيادت جو ٿ??رو مڃيو. هن چيو ته اسان کي امريڪا کان همدردي ۽ يڪجهتي جا پيغام ملي رهيا آهن، جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي جنهن سبب 1300 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ 3 ڪروڙ 30 لک گهر تباهه ٿيا. سفير چيو ته رليف اينڊ ريسڪيو لاءِ ک??ڌي پيتي، پناه گاهن، دوائن ۽ خيمن تي ٻڌل امداد لاءِ فضائي ڪوريڊور يا فضائي پل قائم ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته هي انتهائي ف??ري ضرورت جون شيون آهن، اسان کي انساني جانين کي بچائڻو آهي ان لاءِ انهن شين تي ٻڌل امداد جي آجيان ڪنداسين. مسعود خان چيو ته آمريڪي اداري يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي جائزو وٺي رهيو آهي. ان کان علاوه هتي ڪيترين ئي تنظيمن طرفان پڻ پاڪستان لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد موڪلي پئي وڃي.