اوسته محمد – 10 سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ڇنڇر ڏينهن جعفرآباد ضلعي جي ٻ??ڏ سبب بري طرح متاثر علائقي اوسته محمد جو دورو ڪيو. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چوماسي جي ت??زي?? برساتن ۽ ٻوڏ، ٻوڏ کانپوءِ سموري صوبي ۾ ام??اد ۽ بحالي جي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن ٻڌايو ته ٻ??ڏ سبب بنيادي ڍانچي، رستن ۽ رابطي جي پ??ن کي شديد نقصان پهتو آهي، وزيراعظم چيو ته ٻ??ڏ سبب متاثر ماڻهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وفاقي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي تنهن هوندي به ايتري وڏي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي ۽ سندس حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪوششن لاءِ صوبائي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ام??اد لاءِ عالمي برادري کان ام??اد جي اپيل ڪئي، ان کان اڳ اوسته محمد پهچڻ تي بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو استقبال ڪيو. اي پ?? پي/ر – م/س – و 15:43