اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جا??ان لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير رضا بشير تارڙ ايو??ن صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايو??ن صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ جا??ان جي وچ ۾ موجوده ٻطرفا لاڳاپا و??يڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جا??ان ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ اقتصادي، ڪاروباري لاڳاپن ۽ انساني وسيلن جي ترقي اتي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر فيٽف ۾ جا??ان جي پاڪستان جي لاءِ مسلسل حماي?? کي ساراهيندي چيو ته نامزد سفير پاڪستان جي واجب الادا قرضن جي ادائيگي معطل ڪرڻ جي لاءِ فيصلي تي جا??ان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 2.56 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. صدر پاڪستان سان جا??ان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي ترقياتي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته نامزد سفير ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون جي نئين ۽ اعليٰ سطحي تي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جا??ان ۾ آءِ ٽي، انساني وسيلن، آن لائين خدمتن جي فراهمي ۽ جا??اني تعليمي ادارن ۽ صنعت سان تعاون جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن. صدر چيو ته جا??ان پاڪستان جي ترقي لاءِ اڻٿڪ تعاون ڪيو آهي، تاريخ ۾ مجموعي طور تي اٽڪل 13 ارب ڊالر جي امداد سان جا??ان جو ٻيو وڏو حصيدار آهي. هن پاڪستاني مصنوعا?? کي جا??اني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ ڏيڻ، ٽيرف گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.