اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو بنيادي ڍانچو ۽ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيرا??ظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو جلد پيش ڪيو وڃي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعطم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير، توانائي واري وفاقي وزير، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احمد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، وزيرا??ظم جي ناڻي واري خاص معاون ۽ اعليٰ سرڪاري آف??سر?? شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيرا??ظم چيو ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پلان جلد کان جلد پيش ڪيو وڃي. وزيرا??ظم کي سڄي ملڪ ۾ گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي انفراسٽرڪچر/ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.