اسلام آباد- 08 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تب??يلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ موسمياتي تب??يلين کي نظر ۾ رکندي پائيدار ۽ ماحول دوست گهرن جي تعمير جي حوصلا افزائي لاءِ سازگار پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي، تازي ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تب??هي آندي آهي جنهن سان لکين گهر تب??هه ٿيا آهن ۽ معيشت کي 1.2 کرب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ گرين هائوسز کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيون پاليسيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي ٻوڏ ۽ آبهوا جي تب??يلي سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اهو رجحان برقرار رهيو ته مستقبل ۾ 60 سيڪڙو آبادي شهري علائقن ۾ رهندڙ ??وندي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته شهرن ۾ بهتر ميونسپل سروسز سان گڏ پائيدار اربنائيزيشن کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن شهري آبادين تي دٻاءُ گهٽ ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن س??نٽر اسلام آباد ۾ منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل پهرين انٽرنيشنل هائوسنگ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو 8 کان 11 ڊسمبر 2022ع تائين جناح ڪنوينشن س??نٽر ۾ جاري رهندو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي اعزازي مهمان طور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تعميراتي صنعت جو معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ حڪومت نجي شعبي جي مشاورت سان تعميراتي صنعت جي بهتر ترقي لاءِ وڌيڪ ساز گار پاليسيون جوڙين. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي سيڪريٽري افتخار علي شانواني پنهنجي خطاب ?? چيو ته ماڻهن کي سستا گهر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي تنهن ڪري حڪومت نجي شعبي جي تعاون ۾ ان طرف اڳڀرائي ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي آذربائيجان جو سفير خضر فرهادوف، ايٿوپيا جو سفير جمال بيڪر عبدالله، اسپين س??ارتخاني جو نمائندو، آءِ سي سي آءِ جي اڳوڻن صدرن، ??يگزيڪيٽو ميمبرن، نمائش ڪندڙ ۽ بزنس ڪميونٽي جو هڪ وڏو انگ موجود هو.