بالي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ا??ڊونيشيا جي پرڏيهي وزيرن گڏيل وزارتي ڪميش?? قائم ڪرڻ ??اب?? مفاهمت جي هڪ ياداشت تي صحيحون ڪيون جنهن جو مقصد ٻطرفن رابطن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ا?? جي انڊونيشين هم منصب ريتنو مارسودي بالي ۾ ملاقات دوران دستاويزن تي صحيحون ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بوسنيا هرزيگوينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوڪ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا، واپار ۽ ٻطرفي تعاون جي طريقيڪار جي ذريعي گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن انهن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي سگهه وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن جا ٺوس ??تيجا نڪرندا.