نيويارڪ – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي صدر ساباڪوروسي ??ان ملاقات ??ئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ پاڪستان ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي قرارداد منظور ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي صدر ماحولياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي جي بحران، پائيدار ترقي جي هدفن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. جنرل ??سيمبلي جي صدر گروپ آف 77 ۽ چين جي ڪامياب قيادت تي پاڪستان کي ساراهيو. گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي صدر پرڏيهي وزير کي مارچ 2023ع ۾ گڏيل قومن جي ايندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي صدر کي پاڪستان پاران مڪمل ??مايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.