اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي ڏس ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب بلوچستان جي اتر اولهه علائقن ۾ اولهندي سرد هوائن جو نظام داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪر?? 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقي ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران جاري تفصيل موجب ان موسمي نظام جي اثر هيٺ 27 کان 29 ڊسمبر دوران بلوچستان جا اڪثر علائقا خاص طور تي ڪوئيٽا، زوب، بارکان، زيارت، نوڪنڊي، دالبندين، هراني?? قلعه سيف الله?? قلعه عبدالله، چمن، پشين، گوادر، جيواني، تربت، پنجگور?? قلات، خضدار، سبي، نصيرآباد ۽ لسٻيلا ۾ برسات سان گڏ پهاڙن تي برفباري متوقع آهي. وڌيڪ اهو ته 28 ۽ 29 ڊسمبر جي رات جو ڪشمير، گلگت ۾ پڻ هلڪي کان وچولي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. بلتستان، چترال، دير، سوات، م??لاڪنڊ، ڪوهستان، م??نسهره، ايبٽ آباد، هري پور، م??دان، پشاور، چارسده، باجوڙ، ڪر??، وزيرستان، ڪوهاٽ، سرگوڌا، اسلام آباد، م??ي، گليات ۽ پوٺوهار ريجن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. انهي دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڊيره غازي خان، راجن پور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، شيخوپوره، فيصل آباد، ملتان، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ بکر ۾ برساتن جو امڪان آهي.