اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آئيوري ??وسٽ معيشت، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آئيوري ??وسٽ جي پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي صدر اداما بگٽو گو جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پڻ موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر چ??و ته پاڪستان آئيوري ??وسٽ کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چ??و ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سٺا لاڳاپا آهن جن کي ترقي جي عمل ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چ??و ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان آهن. هن آئيوري ??وسٽ جي واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جو دورو ڪن ۽ هتي دستياب سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيئن ته ٻئي ملڪ مختلف مسئلن تي متفقه خيال رکن ٿا ۽ مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. صدر چ??و ته پاڪستان 2004ع کان 2017ع تائين يو اين او سي آئي تحت آئيوري ??وسٽ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ اهم ڪردار ادا ??يو. هن وڌيڪ چ??و ته پاڪستان سدائين آئيوري ??وسٽ جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي. هن آئيوري ??وسٽ جي قومي اسيمبلي جي صدر کي اهو به چ??و ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائ?? ڪن جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر وڌيڪ چ??و ته پاڪستان ڪوويڊ 19 کي موثر طريقي سان منهن کانسواءِ دهشتگردي جي لعنت تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر وفد سان آئيوري ??وسٽ جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪ??و ته وفد جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو. ان موقعي تي اداما بڪٽو گو چ??و ته ان جي ملڪ جي قيادت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي. هن صدر کي پنهنجي ملڪ پاران پنهنجي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ چ??و ته پارليامينٽرينز کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ??رڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا.