اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خدمتن جي فراهمي کي ??هتر بنائڻ ۽ گهربل مقصد حاصل ڪر?? جي لاءِ بيوروڪريسي ۾ تيز رفتار فيصلاسازي جي جذبي کي ??ڀار?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بيوروڪريسي پاران سست فيصلاسازي جي نتيجي ۾ ناقص گورننس سان گڏوگڏ ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ پڻ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فنانس ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري اويس منظور، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري عصمت طاهره، ريڪٽر اين ايس پي پي ڊاڪٽر اعجاز منير ۽ اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري نديم محبوب شرڪت ڪئي. بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن جاويد صادق ملڪ، منير ڪمال، زيد بن مقصود، محمد حنيف چنا ۽ ڊاڪٽر حفيظ احمد جمالي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر سٺي حڪمراني ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي ??ديد علم ۽ ٽيڪنڪ فراهم ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اين ايس پي پي ۾ تربيت حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۾ تيز فيصلاساز?? جو جذبو پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ فيصلاسازي جي عمل کي ??هتر بڻائڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي کي وڌائ?? جي لاءِ بهترين عالمي تربيتي طر??قن کي ??ختيار ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو. بورڊ آف گورنرز اين ايس پي پي کي نوجوان پروفيشنلز کي ??طور انٽرنيز ڀرتي ڪر?? جي اجازت ڏي?? جي تجويز جي منظوري ڏني. صدر مشورو ڏنو ته نوجوان پروفيشنلز جي صلاحيت کي وڌائ?? جي لاءِ موزون ۽ موثر انٽرنيز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ملڪ جي سمورن نيشنل انسٽيٽيوٽس آف مئنيجمينٽ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽرز کي ??ي پي ايس – 11 مان بي پي ايس – 16 ۾ اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ڪمپيوٽر آپريٽرز جي عهد?? جو نالو آءِ ٽي آفيسرز ۾ تبديل ڪر?? جي پڻ منظوري ڏني وئي. بورڊ 14 فيبروري 2023ع جي فنانس ڊويزن جي آفيس ميمورنڊم موجب بي پي ايس – 1 کان بي پي ايس – 16 ۾ ملازمن جي لاءِ خصوصي رعايت ڏي?? جي تجويز جي پڻ منظوري ڏني.