دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ ش??ڪت ڪئي. هو قطر جي امير پاران ڪانفرنس ۾ ش??يڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ ش??يڪ ٿيو. وزيراعظم سومر ڏينهن ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي جنه?? ۾ ??نهي ملڪن جي و?? ۾ ??عاشي ۽ سيڙپڪاري ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. قطر جي سيڙپڪاري بورڊ، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي سي اي او منصور ابراهيم ال محمود به وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنه?? ۾ ??اڪستان جي معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف تجويزن تي اڳڀرائي بابت خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان جي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي وئي.