اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذوري جي درجابندي جي لاءِ هڪ معياري ۽ مستقل نظام جوڙڻ گهرجي جنهن سان خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذوري جي درجابندي ۽ شدت بابت اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انس??ني حقن واري وزارت، صحت واري وزارت، خصوصي ماڻهن جي حقن بابت ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. صد?? خصوصي ماڻهن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معذوري جي نوعيت ۽ شدت ۽ انهن جي هنر موجب مناسب نوڪرين طرف رهنمائي ڪئي وڃي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي رهنمائي جي لاءِ اعليٰ سطح تي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي ضرورت آهي، ڪميٽي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر ۽ ٻين ماهرن کي شامل ڪرڻ گهرجي. مجوزه ڪميٽي رهنمائي سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت موجب نوڪرين بابت پڻ ٻڌائي. صد?? معذوري جي درجابندي جي هڪ معياري ۽ مستقل نظام جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته معذوري جي درجابندي جي نظام سان خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته معذوري جي درجابندي جو نظام تيار ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ انس??ني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالستار معذوري جي درجابندي/ معذوري جي شدت جي فريم ورڪ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته خصوصي ماڻهن جي حقن کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل بورڊ هر مهيني ٻه اجلاس ڪري ٿو، هڪ ڏينهن ۾ اهل ماڻهو کي معذوري سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته معذوري جي شدت جي بنياد تي معذوري جي حد جو تعين ڪرڻ جي لاءِ هڪ فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي آهي، فريم ورڪ کي انس??ني حقن واري وزارت صحت واري وزارت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن واري ڪائونسل سان گڏجي ڊيزائن ڪيو ويو آهي. منظور ٿيل فريم ورڪ کي رهنمائي جي لاءِ صوبن سان پڻ شيئر ڪيو ويو آهي. صد?? انس??ني حقن واري وزارت ۽ قومي صحت واري وزارت پ??را?? خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ ڪيل ڪم کي س??را??يو.