اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڏکڻ وزيرستان انگور اڏا ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ ش??يد ٿيندڙ برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪيءَ کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال قوم جو هيرو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ????يد جي گهرڀاتين ??ان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف پوري قوم هڪ آهي، پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهي. هر شڪل ۽ هر صورت ۾ مو??ود دهشتگردي پاڙ کان ختم ڪنداسين. هن چيو ته الله تعاليٰ شهيدن کي بلند مقام عطا فرمائي، گهرڀاتين کي صبر ڏي. اطلاعات واري وزير زخمي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.