اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انضما?? ٿيل فاٽا ضلعن جي لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسڪيمن جي لاءِ فنڊز جي منظوري اي سي سي ۽ ٻين فورمن کان جلد ??را??ي وڃي، حڪ??مت انضما?? ٿيل فاٽا ضلعن جي ترجيحي بنيادن تي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انضما?? ٿيل فاٽا ضلعن جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي 5 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، سمنڊ پار پ??ڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ميمبر مولانا جمال الدين، علي وزير، محسن داوڙ کانسواءِ وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪ??مت سڄي ملڪ جي معاشي طور تي ڪمزور علائقن جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم ??ي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.