اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ قو??ي زندگي جو محور بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي، آئين جي روشني ۾ جوڙيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. پاڪستان جي 1973ع ??ي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ قو?? 1973ع ??ي آئين جي گولڊن جوب??ي ملهائي رهي آهي، هي هڪ مقدس دستاويز آهي جنهن گذريل اڌ صديءَ دوران ڪيترن ئي طوفا??ن کي منهن ڏيندي وفاق کي متحد رکيو. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي آئين جي خالقن کي انهن جي سياسي دورانديشي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته 1973ع ??ي آئين جو اسان جو قو??ي ڪردار، سڃاڻپ ۽ مستقبل جي لاءِ رستو مقرر ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي قو??ي زندگي جو محور بڻايو وڃي ۽ آئين جي روشني ۾ ٺاهيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.