ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري ??مل??تي وزير حنا رباني کر ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ملاقات افغانستان جي پاڙيسر?? ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي معاملن واري ??مل??تي وزير ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنه?? ملڪن جي وزيرن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وسيع گنجائش موجود آهي. هن مختلف اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن پولان – گبد/ گوادر بجلي ٽرانسميشن لائين کي مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪا ٻنه?? ملڪن جي سرحدي علائقي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪندي. ??مل??تي وزير حنا رباني کر سرحدي علائقي جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اضافي جي لاءِ سرحدي بازارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ??مل??تي وزير حنا رباني کر افغانستان سميت علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ويج??ي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.