اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند اهي، گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ابوظهبي پورٽس جي چيئرمين شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ابوظهبي پورٽس جي پاڪستان جي بندرگاهن ۽ شپنگ جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي مقصد سان سندس ٻن مهينن جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي هر ٻيو دورو آهي. وزيراعظم يقين ڏي??ري?? ته گڏيل عرب اماراتج ي سيڙپڪارن کي هر ممڪن حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير ??سحاق ڊار، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير ??يد فيصل علي سبزواري، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، طارق فاطمي ?? لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير ??ماد عبيد ابراهيم سالم الزابي پڻ ملاقات ۾ موجود هو.