اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مالي سال 23 -2022ع دوران وفاقي حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن، يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي جاري ترقياتي منصوبن لاءِ 42.9 ارب روپيا جاري ڪيا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان مجموعي طور تي جي ڊي پ?? جو 1.7 ??يڪ??و خرچ ڪيو ويو. مالي سال 23 -2022ع جي جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ليبر فورس سروي (ايل ??يف ايس) 21 -2020ع موجب خواندگي جي شرح 62.8 ??يڪ??و رهي جيڪا 19 -2018ع ۾ 61.4 ??يڪ??و هئي. عورتن جي خواندگي شرح 51.9 ??يڪ??و جي ڀيٽ ۾ مردن جي خواندگي جي شرح 73.4 ??يڪ??و رهي. شهري ۽ ٻهراڙي ۾ خواندگي جي شرح ۾ بهتري آئي آهي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ اها 53.7 ??يڪ??و کان وڌي 54 ??يڪ??و جڏهن ته شهري علائقن ۾ اها 76.1 ??يڪ??و کان وڌي 77.3 ??يڪ??و پهچي وئي آهي. تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ??ه جيئن گڏيل قومن جي ايس ڊي جيز گول چار کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿئ??.