اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي 14 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب وزارت جي 14 جاري منصوبن جي لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 3 ??ئين منصوبن جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ سائوٿ ايشين گيمز 22 – 2021ع ??نعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان اسپورٽ?? ڪمپليڪس جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي جي لاءِ 61 ڪروڙ 17 لک رپيا، اسلام آبا??، فيصل آباد، واهه ڪينٽ، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ سوات ۾ هاڪي ٽرف جي تبديلي جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا، ميگا ايونٽس ۾ شرڪت جي لاءِ فارن ڪوچز جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ اوزارن جي خريداري جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا، پاڪستان اسپورٽ?? ڪمپليڪس ۾ بائيو مڪينيڪل ليب قائم ڪرڻ جي لاءِ 12 ڪروڙ رپيا ۽ اسپورٽ?? ڪمپليڪس ۾ رستن، فٽ پاٿ، مين گيٽ ۽ سيڪيورٽي سسٽم جي بحالي ۽ تعمير جي لاءِ 10 ڪروڙ 35 لک رپيا رکيا ويا آهن، قومي رانديون منعقد ڪرڻ جي لاءِ 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.