اسلام آباد – 09 – جون (??ي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پاڻي وسيلن ??ار?? ڊويزن جي پاڻي شعبي جي جاري مخت??ف اسڪيمن تي 83 ارب 44 ڪروڙ 75 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويندا. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ گوادر ضلعي ۾ بسول ڊيم جي تعمير لاءِ 3 ارب 27 ڪروڙ 38 لک رپيا، آواران ڊيم جي لاءِ 3 ارب، پنجگور ڊيم جي لاءِ 2 ارب 50 ڪ??وڙ، وندر ڊيم جي لاءِ 2 ارب رپيا، ديامير ڀاشا ڊيم جي لاءِ 25 ارب رپيا، ڪي – فور سپلائي اسڪيم جي لاءِ 15 ارب 50 ڪ??وڙ رپيا، مهمند ڊيم جي لاءِ 10 ارب 50 ڪ??وڙ رپيا، بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 100 ڊيمن جي تعمير لاءِ هڪ ارب رپيا ۽ ڪرم تنگي ڊيم جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.