ٽوڪيو-02 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني ڄاون ۽ ذڪر جوڳن جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان ملاقاتون ڪيون ۽ انه?? سان پاڪستا?? سان سيڙپڪاري ۽ واپار جي امڪانن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جاپان ۾ پاڪستان جي متحرڪ پاڪستاني ڄاون کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان لا??اپن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ منهنجي لاءِ اطمينان جوڳو آهي. اڄ منهنجي ان جي ڪجهه نمائند?? سان ملاقات ٿي ۽ جاپا?? سان پنهنجي ٻطرفن لا??اپن خاص طور تي ڪاروبار واپار کي هٿي ڏيڻ تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ٿي، جاپان جي پنهنجي دوري دوران مون هڪ آجياڻي ۾ ذڪر جوڳين جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان پڻ ڳالهيون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته هو ايگزيڪيٽوز پاڪستان ۽ جاپان جي واپار، زراعت، ٽيڪنالاجي، تعليم، هنرمند افرادي قوت، ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ صاف توانائي سميت ٻين شعبن ۾ موجود گنجائش ۽ سيڙپڪاري مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. پرڏيهي وزير جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) ۽ جاپان ايڪسٽرنل ٽريد آرگنائيزيشن جي نمائند?? سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقاتن ۾ آصفه ڀٽو پڻ موجود هئي.