ڪراچي R11; 14 جون(اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي فوج ڪريڪس جي علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشنن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي ر??ي آهي. هاڻي تائين پاڪ نيوي جون ايمرجنسي ر??سپانس ٽيمون ضلعي حڪومت جي سهڪار سان چوهڙ جمالي سان لاڳاپيل ڏورانهن ڳوٺن مان هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري چڪيون آهن. ان کان علاوه ٻين لاڳاپيل ڪريڪ جي علائقن مان ٻارن سوڌو 40 مقامي مهاڻن کي ر??سڪيو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پريس رليز موجب ريسڪيو ڪيل مهاڻن کي پاڪ نيوي پاران مقرر خاص ميڊيڪل ٽيمن بروقت طبي امداد به فراهم ڪئي. پاڪ نيوي جي ايس ايس جي ڊائيونگ ٽيمن ڪيٽي بندر ،ترڪي بندر ۽ ٻين هنڌن کان امدادي ڪيمپن تائين 9000 ماڻهن کي محفوظ طر??قي سان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مقامي انتظاميه جي مدد ڪئي. ڪريڪس برگيڊ جي ايمرجنسي ر??سپانس ٽيم?? متاثر ماڻهن کي بروقت امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏورانهن سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ گشت ڪيو.