اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 12 آگسٽ کانپوءِ قائم ٿيندڙ نگران حڪومت به آءِ ايم ايف سان معاهدي جو احترام جاري رکندي، اليڪشن کانپوءِ عوام جيڪڏهن چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جورجيوا سان ٽيليفون تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پنهنجي ڳال??ه ٻولهه ۾ ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته آءِ ايم ايف کي ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي سبب خدشا هئا، مو?? کي يقين آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي واعد?? کي پورو ڪندو، ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو ته وزيراعظم پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ معاهدو پورو ڪرڻ جي دانشمندي جو عزم ڏيکاريو. وزيراعظم جيڪا ليڊرشپ ڏيکاري اها لائق تحسين ۽ قابل تعريف آهي ۽ ان ئي سبب اسان پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هاڻي مضبوط شراڪتداري ۽ گڏيل اعتماد بحال ٿي چڪو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف جو اهم ميمبر آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي هر ممڪن حد تائين مدد ڪندو رهندو. هن وزيراعظم سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو قيمتي لفظن تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو شڪر گذار آه??. و??يراعظم چيو ته پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف راست گوئي ۽ هاڪاري انداز ۾ ڳال??ه ٻولهه ڪئي هئ??. و??يراعظم چيو ته معاشي ٽيم سان ملاقات ۾ هن واضع ڪيو هو ته معاهدي جي ڪا به خلاف ورزي برداشت نه ڪئي ويند??. و??يراعظم چيو ته 12 آگسٽ تائين اسان جي حڪومت آهي، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي. نگران حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جو احترام جاري رکند??. و??يراعظم چيو ته اليڪشن کانپوءِ جيڪڏهن عوام اسا?? کي چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا جي بهترين ۽ لذيذ ترين انب پيدا ڪندو آه??. و??يراعظم چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف لاءِ احترام جي جذبي طور هو انبن جو تحفو موڪلي رهيو آه??. و??يراظم ايم ڊي آءِ ايم ايف جي پيشيواراڻي مهارت، ليڊرشپ ۽ غريب عوام لاءِ جذبي ۽ احساس کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ان جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن. ايم ڊي آءِ ايم ايف سان پيرس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو هو. وفاقي وزير اسحاق ڊار پنهنجي معاشي ٽيم سان گڏجي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏ??. و??يراعظم پنهنجي معاشي ٽيم کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي هر سوال جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي. انهن شرطن تي سوالن جي جوابن سان آءِ ايم ايف معاهدو ٿيڻ جي راهه هموار ٿ??. و??يراعظم ٻنهي ڌري?? کي معاهدي تي متفق ٿيڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم جي انهن ڪوششن ۽ رابطن سبب 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو.