اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني ملڪ جا عظيم ??فير آهن، حڪومت جي ذميواري ??هي ته جڏهن اهي پنهنجي پيارن سان ملڻ گهر اچن ته انهن کي آساني ۽ سهولت فراهم ڪري. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين کي سهولت ڏيڻ جي ڪوششن جي هڪ حصي طور هن اڄ عارضي رجسٽريشن سسٽم جي شروعات ڪئي ??هي جنهن سان انهن کي چئن مهينن تائين بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجو موبائيل فون استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته اهي پاڪستاني ملڪ جا عظيم ??فير آهن جيڪي ڏينهن رات محنت ڪن ٿا ۽ ملڪ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اها حڪومت جي ذميواري ??هي ته جڏهن اهي پنهنجي پيارن سان ملڻ گهر اچن ته انهن کي آساني ۽ سهولت فراهم ڪري.