اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو ۽ خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن حملي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي?? جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيرا??ظم چيو ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير خان، سردار اسرار ترين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم د??ان??، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.