اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??يو آهي ته چئلينجن مان نڪرڻ جي لا??ِ صرف تعليم ئي واحد رستو آهي، ملڪ ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لا??ِ صوبائي حڪومتن کي به خط لکيا ويندا، اسان جو هڪ ئي مقصد ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ يارهين، ٻارهين جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جي اعلان وقت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??يو ته اسان موجوده چئلينجن مان نڪرڻ جي لا??ِ صرف تعليم جو ئي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا، اسان وٽ مختصر وقت آهي پر اسان پنهنجون ڪوششون ڪنداسين ته جيئن بهتري آڻي سگهون ۽ ان سلسلي ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لا??ِ صوبائي حڪومتن کي خط لکيا ويندا. هن ان موقعي تي وفاقي تعليمي بورڊ جي عملدارن پاران نتيجا جوڙڻ جي ڪم کي ساراهيو ۽ کين مبا??ڪب??د ڏني. هن ??يو ته اسان جو مقصد صرف ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. مدد علي سنڌي ??يو ته ڏهاڙي وارن استادن کي گهرائي انهن جا مسئلا ٻڌا آهن، جلد ??و حل ڪڍنداسين.