نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن آمريڪا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو، نگران وزيراعظم چين جي نائب صدر هان زينگ سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ناليواري ٿنڪ ٽينڪ ??ائ??نسل آف فارن ريليشنز (سي ايف آر) کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم سان گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي تي 28 هين ڪانفرنس (ڪوپ – 28) جي نامزد صدر سل??ان الجابر جي ملاقات پڻ متوقع آهي. نگران وزيراعظم اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائي ڊاڪٽرن جي ايسوسيئيشن (اي پي پي اين اي) جي وفد سان ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم پاڪستان آمريڪا بزنس ??ائ??نسل جي وفد سان پڻ ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم ناليواري عالمي ۽ آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندو. نگران وزيراعظم مختلف آمريڪي ڪمپنين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو.