نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته پ??ڪس??اني ڄاوا آمريڪي پنهنجي مٽاسٽا جي ناڻي، سيڙپڪاري ۽ فلاحي ڪمن جي ذريعي پ??ڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پ??ڪس??اني ڄائي ڊاڪٽرن جي تنظيم (اي پي پي اين اي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان جي قيادت ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ساڻس نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پ??ڪس??ان ۾ ايپنا جي سماجي ڀلائي، تعليمي ۽ طبي امدادي مشنز ۽ پروگرامن سميت ڊاڪٽر ارشد ريحان جي پ??ڪس??اني ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جي و?? ۾ اتحاد ۽ يڪ??هت?? جي پيغام کي اڳتي و??ائڻ ۾ ايپنا مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن اي پي پي اين اي کي پ??ڪس??ان ۾ هيلٿ ٽوئرازم، ميڊيڪل ۽ پيراميڊيڪل ايجوڪيشن، ٽريننگ ۽ اسڪل ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته 10 لک کان وڌيڪ ????ڪس??اني ڄائي آمريڪي پ??ڪس??ان جو اثاثو آهن ۽ ملڪ جي قومي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي پوري طرح تسليم ڪيو وڃي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ آمريڪا ۾ پ??ڪس??ان جو اصل چهرو ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي و??يڪ ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ قيمتي پل آهن. هن وفد کي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پ??ڪس??انين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو يقين ڏياريو. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان ميمبرن پاران نگران وزيراعظم سان ملاقات تي ٿورا مڃيا ۽ نگران وزيراعظم کي پ??ڪس??ان ۾ سماجي ڀلائي، تعيلمي ۽ طبي شعبن ۾ جاري اي پي پي اين اي جي ڪم بابت بريفنگ ڏني.