نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (??ي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ٽنٽو گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ٽنٽو گروپ جي سي اي او جيڪب اسٽوشولم ملاقات ڪئي، جيڪو کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ عالمي اڳواڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ٽنٽو گروپ جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي غور ڪري جنهن ۾ مل?? جي 6 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ ماليا?? جي وسيع غيراستعمال ٿيل معدني ذخيرن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جنهن ۾ سون، تانبي ۽ ناياب زميني ڌاتن جا وڏا ذخيرا شامل آهن. نگران وزيراعظم ڪارڪردگي ۾ اضافي، ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري بهتري، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ اعليٰ سيڙپڪاري جي ذ??يع?? پائيدار ترقي جي لاءِ حڪوم?? جي عزم تي زور ڏيندي پاڪستان جي مضبوط معاشي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو. نگران وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪا هڪ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿي، طريقيڪار کي آسان بڻائي ٿي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏي ٿي. هن ايف ڊي آئي جي ترجيح طور کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي اهميت تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان جي وڏن قدرتي وسيلن بشمول ٽامو، سون، زنڪ ۽ ناياب زميني معدنيات مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان حڪومت جو مقصد ريو ٽنٽو جهڙين ڪمپنين سان تعاون سان گڏوگڏ ??اڪستاني عوام جي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ٽنٽو گروپ جي سي اي او ۽ ان جي ٽيم کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جا وڌي?? موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. ريو ٽنٽو گروپ جي سي اي او دعوت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ يقين ڏياريو ته سندس ٽيم پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪندي.