اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ايڪشن پلا?? جي اي??ڪس ڪميٽي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪي?? جي انخلا ۽ غيرقانوني غيرملڪي ماڻه?? جي واپار ۽ ملڪيت?? جي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ??يو آهي جڏهن ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊز، ڪاروبار ۽ ملڪيت?? جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ گهرو وزارت تحت هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي س??بر??هي ۾ نيشنل ايڪشن پلا?? جي اي??ڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، لاڳاپيل وفاقي وزير، صوبائي وڏا وزير ۽ قانون لاڳوڪندڙ سمورن سول ۽ عسڪري ادارن جا س??بر??هه هڪ ئي ڇت هيٺ گڏ هئا. جاري ڪيل پڌرائي موجب شرڪت ڪندڙن ملڪي داخلي سيڪيورٽي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ته جيئن ممڪن چئلينجز کي پائيدار انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. باوجود سمورين مشڪلات?? جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ??يو ته عوام جي اميدن موجب آئين ۽ قانو?? جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ڪيل اهم فيصلن ۾ پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ غيرملڪين جو انخلا، بارڊر تي اچ وڃ جي طريقيڪار کي هڪ دستاويز جي صورت ۾ منظم ڪرڻ (جنهن ۾ بارڊر تان چرپر جي اجازت رڳو پاسپورٽ ۽ ويزا تي ڏني ويندي) ۽ غيرقانوني غيرملڪي ماڻه?? جي واپار ۽ پراپرٽي جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ شامل آهي. گهرو وزارت تحت هڪ ٽاسڪ فورس پڻ جوڙي وئي آهي جيڪا جعلي سڃاڻپ ڪارڊز، ڪاروبار ۽ پراپرٽي جي ڇنڊڇاڻ ڪندي ته جيئن غيرقانوني سڃاڻپ ڪارڊز ۽ ملڪيت جو تدارڪ ڪري سگهجي. فورم وڌندڙ غيرقانوني سرگرمين (بشمول منشيات اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، کاڌي پيتي جي شين ۽ ڪرنسي جي اسمگلنگ، غيرقانوني رقم جي پهچ ۽ بجلي چوري) تي جاري ڪاررواين کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ موثر ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. فورم ان ڳالهه کي اجاگر ??يو ته طاقت جو استعمال رڳو رياست جو دائره اختيار آهي ۽ ڪنهن به شخص يا گروهه کي طاقت جي زبردستي استعمال جي اجازت نه ڏني ويندي. ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي هٿياربند گروهه يا تنظيم جي هرگز ڪا جڳهه نه آهي ۽ اهڙي قسم جي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي وئي ته اسلام امن جو دين آهي ۽ رياست ڪنهن کي مذهب جي من پسند تشريح ڪري سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. اقليت?? جي حقن ۽ مذهبي آزادي، اسلام ۽ پاڪستا?? جي آئين جو حصو آهي ۽ رياست ان کي يقيني بڻائيندي. فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پروپئگنڊه ۽ غلط معلومات جي مهم جوئي ڪندڙن کي سائبر قانونن تحت سختي سان منهن ڏنو وڃي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته قانون?? جي آگاهي ۽ عملدرآمد جي لاءِ فني طريقيڪار جوڙيا پيا وڃ?? جيڪي قانو?? جي پاسداري ۽ عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکي ٺاهيا پيا وڃن. آخر ۾ فورم ان عزم جو ورجاءُ ??يو ته ايمان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي صحيح معنيٰ ۾ عمل ??يو ويندو ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون جاري رکيون وينديون.