لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ??ه تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو، امي?? آهي جنوري 2024ع جي آخر تائين چونڊون ٿي وينديون، مستقل پاليسيون ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي، ريڊيو پاڪستان جي بحالي جي پوري ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پاڪستان جي نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرام لاهور ان سائيٽ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏني آهي 30 نومبر تي تڪبندين جي حتمي فهرست شايع ڪئي ويندي، حب تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو ته اليڪشن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو ڇو ته جيستائين تڪبنديون مڪمل نٿيون ٿين ته ان کان اڳ تاريخ ڏيڻ جو ڪو فائدو نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ واضح لکيل آهي ??ه اليڪشن کان اڳ سمورين پارٽين کي اليڪشن مهم جي ل??ءِ گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن ڏنا ويندا جيڪو اٽڪل ٻه مهينا بڻجي ٿو، مون کي يقين آهي ??ه جنوري جي آخر ۾ چونڊون ٿي وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن عالمي معيار جو ادارو آهي ??يڪو پيشيواراڻي طريقي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جا اختيار محدو?? آهن، وڏا ۽ پاليسي فيصلا ڪرڻ جو اختيار چونڊيل حڪومت وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن ريڊيو پاڪستان ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ سان ڳنڍجي ويندو ته ان نظام سان بجليج ي پڻ بچت ٿيندي. هن چيو ته امي?? آهي ته چونڊيل حڪومت اچڻ کانپوءِ ان ڪم کي اڳتي وڌايو ويندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن وقت ريڊيو پاڪستان کي ڪجهه مالي مسئلا درپيش آهن، 90ع جي ڏهاڪي تائين ريڊيو لائيسنس جي مد ۾ فيس وصول ٿيندي هئي جنهن کي ختم ڪيو ويو، هاڻي وفاق جي گرانٽ کانسو??ءِ ڪو آمدني جو ذريعو نه آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ريڊيو لائيسنس فيس جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا، اسان انهن کي اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون. امي?? آهي ته ريڊيو پاڪستان کي درپيش مالي مسئلن جي حل ل??ءِ جلد سٺي خبر ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاليسي ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن هو ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو ته ان وقت ريڊيو پاڪستان جون اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ويب سائيٽس جاري ڪيون، ريڊيو پاڪستان جو ٽوئيٽر اڪائونٽ پڻ مون پاڻ ٺاهيو هو جنهن تي اڄ اٽڪل 10 لک فالورز موجو?? آهن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جا سمورا سينٽرز سيٽلائيٽ جي ذريعي ڳنڍيل آهن، ريڊيو پاڪستان جي پهرين ڊي ايس اين جي منهنجي دور ۾ شروع ٿي هئي. هن چيو ته امي?? آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت ريڊيو پاڪستان سميت ٻين رياستي نشرياتي ادارن جي جدت جي ل??ءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻيندي.