ڪوئيٽا – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??لوچستان جي امن ۽ ت??قي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي لازمي آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن مان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳ??پي?? ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيف آف ??رمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان گڏ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ بلوچستان جو نگران وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي پڻ موجود هو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، لاء انفورسمنٽ آپريشن، اسمگلنگ ۽ منشيات جي خلاف بلوچستان ۾ آپريشنز، سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ يا پرائيويٽ منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ غيرملڪين جي سيڪيورٽي، غيرقانوني غيرملڪين جي انهن جي پنهنجي وطن واپسي، فارن ڪرنسي کي باقاعده بڻائڻ جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ ايس آئي ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم بلوچستان حڪومت پاران اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. اجلاس دوران نگران وزيراعظم زور ڏنو ته ??وبي جي امن ۽ ت??قي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي لازمي آهي. چيف آف ??رمي اسٽاف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين سرڪاري ادارن سان گڏجي غيرقانوني سرگرمين جي خلاف ڪاررواين جي لاءِ پوري طاقت سان مڪمل تعاون فراهم ڪندي ته ??يئن وسيلن جي ڦرلٽ ۽ انهن سرگرمين جي ڪري ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. نگران وزيراعظم چيو ته وفاق جي سطح تي ايس آئي ايف سي تحت کنيل قدمن جو هر صوبي جي ماڻهن تي اثر ٿيڻ گهرجي، بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ ت??قي سان علائقي جي ماڻهن جي لاءِ معاشي سرگرمين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ??نساني وسيلن جي ت??قي کانسواءِ زراعت ۽ آءِ ٽي ۾ سيڙپڪاري تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته ??نهن قدمن مان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳ??پي?? ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ??ياستي ادارا بشمول سرڪاري ادارا ۽ عوام صوبي جي ت??قي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ نگران وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو ڪوئيٽا پهچڻ تي بلوچستان جي نگران وڏي وزير ۽ بلوچستان ڪور ڪمانڊر استقبال ڪيو.